خيرپورپوليس ٻه ڏينهن اڳ گرفتار ڪيل نوجوان کي هاف فراءِ ڇڏيو

خيرپور (س ر) خيرپور پوليس ٻه ڏينهن گرفتار ڪيل نوجوان کي هاف فرائي ڪري ڇڏيو،ان سلسلي ۾ پوليس پاران پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته بي سڪيشن پوليس سم نالي وٽ ڏوهارين سام مقابلو ٿيو،مقابلي دوران هڪ ڏوهاري زاهد حسين ڦلپوٽو کي هٿيارن سميت زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي، ٻئي طرف زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوهاري زاهد ڦلپوٽو جي وارثن جو چوڻ آهي ته بي سڪيشن پوليس گهر تي ٻه ڏينه چاپو هڻي اسان نوجوان زاهد کي کنڀي کڻي ويا آهئا، پوليس آزادي لاءِ ڳري رشوت جي گهر ڪئي نه ڏيڻ تي ڪوڙو مقابلو ڪري نوجوان زاهد کي گولي هڻي زخمي ڪيو آهي، هنن مطالبو ڪيوت ه ڪوڙي مقابلي انڪوائري ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.