سکر مان ناري پر اسرار نموني گم، ڳولا لاءِ مدد جي اپيل

سکر (ن ع آ ) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد آچر گھٽي محلي جي رھواسڻ ناري سرتاج بلوچ پر اسرار نموني گم، ھڪ مھينو گذرڻ باوجود ڏس پتو نه پئجي سگهيو، وارث سخت پريشاني جو شڪار، شھرين پاران سوشل ميڊيا ذريعي ايس ايس پي سکر کان ناري سرتاج بلوچ جي ڳولها ۾ مدد جي اپيل، خبرموجب؛ ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب اي سيڪشن ٿاڻي جي حد آچر گھٽي محلي جي رھواسڻ ناري سرتاج بلوچ پر اسرار طريقي گم ٿي وئي آهي جنھن جو  ھڪ مھيني کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود ھن وقت تائين وارثن کي ڏس پتو نه ملي سگهيو آهي جنھن سبب مبينا طور گم ٿي ويل ناري سرتاج بلوچ جا وارث سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا آھن ۽ گھر ۾ روڄ متل آهي ان سلسلي ۾ سکر جي فلاحي تنظيمن سان تعلق رکندڙ شھرين سوشل ميڊيا ذريعي ايس ايس پي سکر سينگھار ملڪ کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته فوري طور تي مبينا طور گم ٿي ويل نوجوان ناري کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.

  • سوڀو ديرو ويجهو زمين جي مالڪي تان جهيڙو، هڪ ڄڻو زخمي

سوڀو ديرو (ن ع آ) سوڀوديرو لڳ ڳوٺ نيازمحمد کوکر ۾ کوکر برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مسئلي تان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن  ۾ ھڪ ڄڻو گولي لڳڻ سبب زخمي۔ متاثر ڌر جي عورتن مسمات شازيہ۔مسمات ڄامل۔ضميران۔غلام رضا کوکر ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان جون عورتون گاه ڪري رھيون ھيون ته وڏيري وريام جي پٽن ۽ اڻ سڃاتل ماڻھن اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ لاء فائرنگ ڪئي فائرنگ ۾ اسان جو نوجوان ٽيھ سالا ظفر علي ولد واحد بخش کوکر گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو جنھن کي نازڪ حالت ۾ گمبٽ گمس اسپتال نيو ويو۔ غلام رضا کوکر ٻڌايو ته اسان جي وڏن وڏيري وريام جي ڀائٽي علينواز کي منھنجي ڀيڻ جو سڱ ڏنو ھيو انھن عيوضي ۾ ڏيڍ ايڪڙ زمين ڏني ھئي جيڪا اسان تقريبن اٺيتاليھن سالن کان ڪاھيندا ۽ کائيندا اچون پيا قبضو به اسان وٽ آھي ان زمين ۾ اسان جو ڪمند جو فصل ڪاھيل آھي ان زمين جو کاتو وڏيري وريام وارن نه ڏنو آھي اسان اھڙو ڪيس سينيئر سول جج گمبٽ جي عدالت ۾ پڻ داخل ڪرايو آھي عدالت سڳوري جي حڪم تي راڄوڻي فيصلو پڻ ٿيو ھو جيڪو پڻ اسان جي حق ۾ فيصلو آيو ھو اڄ مخالفن زمين تي قبضو ڪرڻ لاء حملو ڪيو عورتن تي تشدد ڪيو گولي لڳڻ سبب اسان جو نوجوان بيگناه زخمي ڪيو آھي سوڀوديرو پوليس محسن رضا کوکر جي فرياد تي ظفر پٽ گلڻ کوکر۔ غلام اڪبر۔خيرمحمد۔پرويز علي ٽئي پٽ وريام کوکر ۽ چئن اڻ سڃاتل جوابدارن تي داخل ڪري ورتو ۔ٻئي طرف ڊي ايس پي سوڀوديرو بشير احمد شر پوليس اٽالا ساڻ ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاء چڙھائي ڪئي پر جوابدار فرار ٿي ويا ڪابه گرفتاري نه ٿي سگھي.

  • سکر ۾ خريداري لاءِ آيل ٻه معصوم ٻار گم، وارثن پريشان

سکر(رپورٽر) سکر شهر جي مختلف علائقن مان خريداري لاءِ آيل ٻه ٻارڙا لاپتا، ٻارڙن جي لاپتا ٿيڻ تي وارث بيحال، سکر پوليس ۽  اعليٰ اختيارين کان ٻارڙن جي ڳولها ۾ مدد جي اپيل. خبر موجب: سکر جي مختلف علائقن مان خريداري لاءِ آيل ٻه ٻارڙا گم ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ چڪ شهر کان خريداري لاءِ آيل عبدالوحيد ٽانوري جو ٻارڙو ٻن سالن جو عبدالرئوف ٽانوري غريب آباد مان گم ٿي ويو آهي، جڏهن ته نيوپنڊ واري علائقي مان پڻ هڪ ٻارڙو سيف الله لاپتا ٿي ويو آهي جنهن جي اطلاع حد جي ٿاڻي تي ڏني وئي آهي پر هن وقت تائين ٻارڙن جو پتو ناهي پئجي سگهيو، هوڏانهن ٻنهي ٻارڙن جي والدين پوليس ۽ اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي آهي ته ٻارڙن جي ڳولها ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.