کپري ۾ 8 دڪانن جا شٽر ٽوڙي لکن جي چوري، پوليس ستل

کپرو (ت ر) کپرو ۾ چورين جي وارداتن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو لڪيل چور وري ظاهر ٿي ويا رات دير سان نامعلوم چورن هٿونگو روڊ , سيونجهي  روڊ , ميرپورخاص روڊ , سانگهڙ روڊ جي  8 دوڪانن جي  شٽل جا تالا ٽوڙي لکين روپين جو سامان ٻھاري ويا کپرو پوليس ۽ ايگل اسڪوائڊ پوليس ڪاروائي نه ڪري سگهي واپارين ۽  شھرين ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانئجي ويئي جڏھن ته ڪجھ دوڪانن جا سي سي ٽي وي فوٽيج مليا آھن چوري ٿيل دوڪانن ۾ پيسٽيسائيڊ زرعي دوڪان , ميڊيڪل اسٽور , ڪريانه اسٽور سميت ٻيا دوڪان شامل آھن دوڪانن تان چور لکين روپين جو سامان ۽ روڪ رقم چوري ڪري ويا چوري جي وارداتن جي اطلاع تي کپرو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جائزو ورتو  کپرو پوليس موجب اسان چوري جا سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪري ورتا آھن چورن کي جلند گرفتار ڪيو ويندو ٻئي طرف واپاري ايسوسئشن جي صدر جاويد عالم قائم خاني ۽ شھرين جو چوڻ هو ته کپرو ۾ ڏينهون ڏينهن چورين جي وارداتن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي کپرو پوليس چورن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائڻ لڳي آھي چوري جي روڪٿام نه ٿي اسان احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين  چونڊيل نمائنده ۽ ايس ايس پي سانگھڙ کپرو ۾ لڳل کاٽ جو نوٽيس وٺي چور سوگها ڪري چوري ڪيل سامان واپس ڏياري واپارين مان بي چيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.