نوابشاهه مان لکين رپيا ڌاڙو هڻندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

نوابشاھ( بيورو چيف) ايس ايس پي شھيد بينظير آباد  امير سعود مگسي، ڊي ايس پي سٽي سلطان احمد چانڊيو، سي آئي اي انچارج مبين احمد پرھياڙ ۽ مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سان گڏجي پنھنجي آفيس جي ڪانفرنس ھال ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ 8 اپريل 2022 تي ملڪ ڪالوني نوابشاھ ۾ واقع ليڊي ڊاڪٽر ڪوثر زال وسيم احمد غوري جي گھران لکين روپين جو ڌاڙو ھڻندڙ مُک جوابدارن عمر دراز ولد سلطان محمود مُغل ۽ صدام حسين ولد نور الدين لاکو کي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس سڳ سوڌو گرفتار ڪري انھن جي قبضي مان سونا زيور، 10 لک روپين جا پرائيز بانڊ، بغير لائسنس وارا ٻہ ٽي ٽي پسٽل گوليون ۽ ٻہ چوري جون موٽر سائيڪلون بر آمد ڪيون آھن ھن چيو تہ گرفتار ٿيل جوابدارن جاچ دوران ٻڌايو آھي تہ اُھي شھر جي مختلف گھرن مان چورين ۽ ڦُرن جون وارداتون ڪندا آھن پريس ڪانفرنس دوران ايس ايس پي بر آمد ٿيل چوري جو سامان ليڊي ڊاڪٽر ڪوثر ۽ سندس مُڙس حوالي ڪيو ٻي ڪاروائي جو ذڪر ڪندي ايس ايس پي چيو تہ ھڪ ھفتو اڳ قاضي احمد ٿاڻي جي حد ۾ مسمات افروز زال وزير علي انڙ کي بيرحمي سان قتل ڪيو ويو ھو راھو ڪالوني قاضي احمد ۾ قتل جي انھي واردات ۾ مکيہ جوابدار بابر علي ولد خان محمد انڙ کي گرفتار ڪيو ويو آھي ۽ قاتل مقتولا جو سڳو ڀائٽيو آھي جاچ دوران جوابدار ٻڌايو تہ انھي مسمات افروز کي گھريلو تڪرار جي بنياد تان پسٽل سان فائر ڪري قتل ڪيو ھو، ايس ايس پي ٽي ڪاروائي بابت ٻڌايو تہ ڪجھ عرصو اڳ دوڙ ٿاڻي جي حد ۾ سوشل ميڊيا تي ھڪ وائرل ويڊيو ۾ ھڪ ٻار سان وحشي صفت جوابدار پاران غير اخلاقي حرڪت ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو ھو دوڙ ٿاڻي تي اھڙو ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ جاچ کانپوءِ خبر پئي تہ متاثر نينگر ثناءُ اللھ ولد شير محمد مري ھُيو ۽ ساڻس زيادتي ڪندڙ جوابدار خالد حسين ڪورائي کي دوڙ پوليس گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.