نئون ڳوٺ مان صحافين کي کنڀڻ خلاف راڌڻ ۾ احتجاج

راڌڻ (ن ع آ) نئون ڳوٺ شھر جي صحافين  خالد حسين پيرزادو ۽ جاويد علي پيرزادي کي پريس ڪلب راڌڻ لڳ ھٿيار بندن ۽ پوليس پاران زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي راڌڻ جي صحافين ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي  ڪارڊ تي راڌڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او ھٽايو وڃي صحافين سان انصاف ڪيو وڃي صحافين ۾راڌڻ پريس ڪلب جو صدر يونس سولنگي عبدالستار ميراڻي منير سومري محبوب پيرزادي ھريش ڪمار علي راشد۔ شيخ ۽ ٻين  سيوھاڻي چوڪ راڌڻ تي  راڌڻ پوليس ونگاري پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ان مقعي تيصحافي جاويد علي پيرزادو ٻڌايو ته 6 ڏينھن اڳ اسان کي راڌڻ شھر مان سري عام ڏينھن ڏٺي جو بنا جواز حبيب الله ڪليري نظير پنھور ياسين سولنگي ۽ ٻين پوليس وردين ۽ سول خانگي ڪپڙن ۾ ڳرن ھٿيارن جي زور تي راڌڻ شھر مان زربردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان جي دانھنن رڙين تي شھرين اسان کي بچائي وتو ۽اھڙو اطلاع بر وقت راڌڻ پوليس کي ڏئي اين سي پڻ داخل ڪرائي جڏھن ته راڌڻ پوليس پاران جوابدر گرفتار ڪرڻ بدران روايتي سستي برقرار رکندي اغوا جي ڏوھ ۾ ملوث جوابدار کي فرار ٿيڻ جو موقعو ڏنو جنھن سبب جوابدار فرار ٿي ويا مخالف ڌر بااثر ھجڻ ڪري اسان جي جان کي پڻ خطرو آھي ھنن چيف جسٽس آف پاڪستان کان مالبو ڪيو آهي ته  راڌڻ ٿاڻي تي صحافين جي اغوا جو ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.