راڄوخاناڻي۽ ڀرپاسي مال ۾لمپي جي بيماري ، لائيو اسٽاڪ کاتو ننڊ ستل

راجوخاناڻي (ن ع آ) راجوخاناڻي سميت تعلقي تلھار جي مختلف علائقن راجوخاناڻي بخشو نظاماڻي ٻھروصاحب لغاري ڳوٺ نئين نظاماڻي  ڳوٺ حنيف نظاماڻي ڳوٺ علڻ نظاماڻي ۽ ڳوٺ بخشو خان نظاماڻي   مالوند ماڻهن جي جانورن ڍڳين کي  لمپي اسڪن بيماري کان وڪوڙي وئي آهي امداد علي جي چار ننڊين وڏين ڍڳين محمد رحيم مير محمد  ۽ ٻين مالوند ماڻھن جي سوين جانورن ڍڳين کي لمپي اسڪن بيماري وڪوڙي وئي آهي جنهن ڪري مالوند ماڻھو سخت پريشان ۾ مبتلا آهي ڇاڪاڻ تہ سڄي تعلقي تلھار ۾ صرف ھڪڙي جانورن جي ھڪڙي ٽٽل ڦٽل اسپتال سعيدپور ۾ آھي جيڪا ڪنهن به ڪم جي ناھي مختلف علائقن جي ماڻهن باغي امداد علي نظاماڻي فاروق احمد رحيم ڪشور ڪمار مير محمد ۽ ڊي سي بدين آغا شاھنواز کان مطالبو ڪيو ته راجوخاناڻي بخشو نظاماڻي ٻھروصاحب لغاري ڳوٺ حنيف نظاماڻي ۽ اس پاس لمپي اسڪن بيماري کان بچاءُ جي ويڪسين شروع ڪرائي وڃي جئين مالوند ماڻھن جا وٿاڻ بچايا وڃن انھي گڏ لائيو اسٽاڪ کاتي ۽ ائنمل ھينسڊري کاتي پاران لمپي اسڪن بيماري کان بچاءُ جي مھم شروع نه ڪرڻ تي پڇاڻو ڪيو وڃي جلد ويڪسين شروع نه ٿي احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.