سيٺارجا ۾ يوم علي عليه اسلام بابت ماتمي جلوس برآمد

سيٺارجا(ن ع آ)  يوم علي عليه السلام جي موقعي تي سيٺارجا ۾ قديمي ماتمي جلوس الحيدري امام بارگاھ کان برآمد ٿيو,جيڪو  مختلف روايتي قديمي رستن کان ٿيندو مرڪزي امام بارگاه الحسيني تي نهر ٿيو جتي روزيدار عزادارن جي لاءِ افطاري جو اهتمام ڪيو ويو ,ماتمي جلوس ۾ سنڌ جي مختلف شهرن کان آيل مشهور و معروف تنظيمن نوحا خواني ڪئي, سالانہ مرڪزي ماتمي جلوس ۾ حضرت علي عليه اسلام جي شبي پڻ برآمد ٿي، ماتمي جلوس لاءِ سڪيورٽي جا انتظام پڻ انتهائي سخت ڪيا ويا آھن, تفصيلي خبر موجب حضرت علي ڪرم الله وجه جي شهادت جي حوالي سان سيٺارجا شهر جو 20 رمضان جو تاريخي ماتمي جلوس امام بارگاه الحيدري کان برآمد ٿيو جتي مجلس عزا پڻ برپا ڪئي وئي مجلس عزا کي مولانا حيدر علي عامر ۽ مولانا ارشاد حسين ڪاشفي خطاب ڪيو جنهن کانپوءِ سالانہ قديمي ماتمي جلوس برآمد ٿيو جيڪو پنهنجي روايتي قديمي رستن شاهي بازار کان ٿيندو مرڪزي امام بارگاه الحسيني تي نهر ٿيو ,جلوس جي رستن تي مختلف شيعا تنظمن سپاہ علي اڪبر گڏيجي، انجمن پنجتني  ٺري ميرواه، انجمن شهدا ڪربلا خاڪي، قافلا حسيني گمبٽ، انجمن محبان امام جعفر صادق مٺڙي، انجمن سپاہ عباس سالاري ۽ ٻين پاران نوحا خواني و ماتم داري پڻ ڪئي وئي جڏھن ته ماتمي جلوس جي لاءِ سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ويا جنهن ۾ مقامي اسڪائوٽ ۽ پوليس اهلڪارن وڏي انگ ۾ سڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏنا جڏهن تہ جلوس جي اختتام پذير ٿيڻ واري هنڌ مرڪزي مسجد و امام بارگاہ الحسيني ۾ نوجوان شيعا تنظيم غلامان حيدر ڪرار طرفان عزدارن جي لاءِ افطاري جو پڻ اهتمام ڪيو ويو جڏهن تہ عزادارن ۾ نياز لنگر پڻ تقسيم ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.