ڊگھڙي ۾ شھادت حضرت علي عليه سلام جي موقعي تي سيڪيورٽي انتظام اڻپورا

ڊگھڙي(ن ع آ)ڊگهڙي ۾ يوم شھادت حضرت علي عليه سلام جي موقعي تي تعلقي انتظاميه طرفان امن امان جي حوالي سان اڃان تائين ڪوبه اجلاس نه گهرايو ويو آهي،مرڪزي امام بارگاھ باب العلم ڊگھڙي جي ڪميٽي ۽ اهل تشيع برادري ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي،شيعه حيدر ڪرار پنهنجا ويچار ونڊيندي سندن چوڻ هو ته حضرت علي شير خدا جن جي شهادت جو ڏهاڙو پوري دنيا ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي ۽ پوري ملڪ ۾ حضرت علي عليه سلام جن جي شهادت جي ڏهاڙي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويندا آهن،پر انتهائي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسسٽنٽ ڪمشنر ڊگهڙي آصف علي خاصخيلي طرفان ڊگهڙي ۾ ڪوبه اجلاس نه گهرايو ويو آهي جيڪا سندس نااهلي آهي هنن چيو ته اسان اعلي اختياريون اسسٽنٽ ڪمشنر ڊگهڙي جي ايڏي وڏي نااهلي جو نوٽيس وٺن ۽ يوم شهادت جي موقعي تي اسٽريٽ لائٽ،صفائي،پاڻي سميت سموريون گهربل ضرورتون پوريون ڪيون وڃن جلوس سان گڏ ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل عملو مقرر ڪري سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا وڃن ته جيئن پرامن طريقي سان عقيدت ۽ احترام سان حضرت علي عليه سلام جن جي شهادت جو ڏهاڙو ملهائي سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.