لاڙڪاڻي ۾ 2 هيروئنين جا لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن مان 2 هيروئنين جا لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿيڻ تي ايڌهي رضاڪارن لاشن کي لاوارث قرار  ڏئي دفنائي ڇڏيو آھي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر سول لائين ٿاڻي  جي حد اولڊ بس اسٽينڊ پل وٽان 60 ۽ علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد ايمپائر روڊ واري علائقي مان 50 سالن جي هيروئنين جا لاش ڏسي علائقي واسين سول لائين ۽ علي گوهر آباد جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي پوليس پهچي ٻئي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي بعد ايڌهي رضاڪارن حوالي ڪري ڇڏيا جن طرفان لاشن جي سڃاڻپ لاءِ شهر ۾ پڙها ڏياريا ويا سڃاڻپ نه ٿيڻ تي ايڌهي رضاڪارن ٻنهي لاشن کي لاوارث قرار ڏيڻ بعد غسل ۽ ڪفن ڏئي شهر ڀرسان دودائي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو آھي. ان حوالي سان ايڌهي رضاڪارن ٻڌايو ته هٿ آيل لاش هيروئنين جا هئا جن جي وارثن جو ڪو به ڏس پتو نه پوڻ تي ٻنهي لاشن کي لاوارث قرار ڏئي شهر ڀرسان دودائي قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.