ڏهرڪي مان اغوا ٿيل ناري سيالڪوٽ مان آزاد جوابدار گرفتار

ڏھرڪي(رپورٽ: اجيت ڪمار گودواڻي  ) ھڪ ھفتو پھرين ڏھرڪي جي پرائينزو ھوٽل تان ھيپي ھومز سوسائٽي حيدرآباد جي رھواسي  جيڪا پنهنجي ڳوٺ دلاور خان لغاري آيل ھئي ناري سعديه ڌي ڪريم بخش لغاري کي لاھور واسي نوجوان محمد عادل پُٽ خالد محمود آرائين مبينا طور اغوا ڪري ويو هو جنهن جو ڪيس ناري جي پيءُ ڪريم بخش لغاري ڪرائيم نمبر 120/2022 قلم 3658 تحت ڏھرڪي ٿاڻي تي داخل ڪرايو ھيو جڏهن ته انھي واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ ايس ايس پي گهوٽڪي اظهر خان جي حڪم تي ڊي ايس پي اوٻاوڙو راڻا نصرالله جي سربراهي ۾ ناري جي ڳولا لاءِ هڪ ٽيم جوڙي وئي جنهن ۾ ايس ايچ او ڏھرڪي انسپيڪٽر شفيع محمد گولو، آئي ٽي انچارج خليل احمد ملڪ ۽ ٻيا آفيشل پڻ شامل ھيا جڏهن ته ٽيم ۾ شامل آءِ  ٽي انچارج خليل احمد ملڪ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان لوڪيشن ٽريس ڪري مغوي ناري سعديه لغاري کي ڊي ايس پي اوٻاوڙو جي سربراهي ۾ تشڪيل ڏنل پوليس پارٽي پنجاب جي ضلعي سيالڪوٽ جي شهر ڊسڪا  ۾ ھڪ جاءِ تي ڇاپو هڻي بازياب ڪرائي ورتو ۽ جوابدار عادل آرائين کي پڻ گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ناري جي بازيابي جي خبر ملندي ئي گھر ڀاتين ۾ خوشي جي لهر اچي وئي ۽ ناري پڻ ڏھرڪي پوليس جي سڄي ٽيم کي دعائون پڻ ڏنيون اوڏانهن ايس ايس پي گهوٽڪي اظهر خان انھي ڪامياب ڪارروائي تي ڊي ايس پي راڻا نصرالله، ايس ايچ او ڏھرڪي انسپيڪٽر شفيع محمد گولو، آئي ٽي انچارج خليل احمد ملڪ، وڏي منشي ساجد علي دايو ۽ ننڍي منشي عابد علي گولو کي پڻ شاباشي سان گڏ سرٽيفڪيٽ ۽ روڪ رقم انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آخري اطلاعن تائين ڏھرڪي پوليس جي ٽيم پنجاب کان اڃان ڏھرڪي ڪون پھتي ھئي جڏهن ته ڏھرڪي پوليس ضروري ڪارروائي بعد ايس ايس پي گهوٽڪي جي موجودگي ۾ ناري سعديه کي وارثن حوالي ڪندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.