لاڙڪاڻي ۾ پوليس ڪارروائي، 2 ڏوهاري گرفتار، هٿيار هٿ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار، منشيات، روڪ رقم، ڦر ڪيل موبائيل فونون ۽ موٽرسائيڪلون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ رحمت پور پوليس سرگرم جوابدار سجاد تونيو کي بغير لائسنس ريوالور ۽ گولين سميت ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو پوليس منشيات فروش شبير شاهه کي 4 هزار گرام ڀنگ سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي پاسي دڙي پوليس عورتن کان پرس ڦر ڪرڻ واري ڪيس ۾ زخمي حالت ۾ مبينا مقابلي ۾ گرفتار جوابدار مجاهد جتوئي کان حمل محلي مان عورت نرگس عائشه کان ڦر ڪيل روڪ رقم 50 هزار ۽ موبائيل فون، باقراڻي پوليس ڪامران نواب ۽ اسد الله جون چوري ٿيل ٻه موٽرسائيڪلون ۽ رتوديرو پوليس لياقت علي بروهي، غلام اصغر ابڙو ۽ عبدالله سومري کان ڦر ڪيل ٽي موٽرسائيڪلون هٿ ڪري اصل مالڪن حوالي ڪري ڇڏيون آهن. پوليس موجب گرفتار سمورن جوابدارن مٿان اهڙي نوعيت جا ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.