مڪلي جي اسڪول ۾ موسمياتي تبديلي جي موضوع تي ڌرتي جو ڏيهاڙو ملهايو ويو

ٺٽو(ڊر)گورنمنٽ بوائز ڪيمپس اسڪول مڪلي ۾ موسمياتي تبديلي جي موضوع تي ڌرتي جو ڏيهاڙو ملهايو ويو. جنھن ۾  اسڪول جي شاگردن چارٽس ۽ ڊرائنگ جي مدد سان موسمياتي تبديلي جي اثرن بابت ڄاڻ ڏني. ان موقعي تي ھيڊ ماستر غلام نبي خشڪ، نامياري ليکڪ عبدالحميد مهراڻوي، محمد صفدر ٺٽوي، علي اصغر بروهي، سلمان جکرو، سجاد ميمڻ، محمد امين سومرو ۽ ٻين چيو ته دنيا ۾ صنعتي ترقي ۽ قدرتي وسيلن جي بي پرواهه استعمال ڪري ڌرتيءَ تي هر جاندار جي جان کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي، سائنسي ترقيءَ به ڌرتيءَ کي وڏو نقصان پهچايو آهي، جنگي تيارين ۽ جديد هٿيارن جي استعمال زمين کي بنجر بڻائي ڇڏيو آهي.  هن وقت ڌرتي واضح طور تي پنهنجي تحفظ ۽ بقا لاءِ آواز اٿارڻ جي اهميت تي زور ڏئي رهي آهي. ھنن چيو تہ موجوده دور ۾ فطرت کي تمام گهڻو نقصان رسيو آهي. موسمياتي تبديلي، فطرت ۾ انسان جي پيدا ڪيل تبديلين سان گڏوگڏ ٻيلن جي ڪٽائي، زراعت ۽ آلودگي جا وڏا سبب آهن، کاڌي پيتي جا مسئلا اسان کي پوئتي نه ڇڏيندا. جيترو ممڪن هجي پنهنجي گهر ۽ ان جي چوڌاري ٻوٽا پوکي انهن جو خيال رکون، ڇاڪاڻ جو رڳو وڻن سان ئي اسان موسمي تبديلين جي اثرن کي گهٽائي سگهون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.