شيخ ڀرڪئي لڳ ڦر ڪوشش، 2 جوابدار گرفتار

شيخ ڀرڪيو (ن ع آ) بڪيرا شريف ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ منظور علي خان پتافي وٽ موٽر سائيڪل ڦر ڪندي هڪ جوابدار کي ڳوٺاڻن  سوگهو ڪري ورتو جڏهن ته هڪ جوابدار فرار ٿي ويو- پڪڙيل جوابدار کي ڳوٺاڻن بڪيرا شريف پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.جتي جوابدار جي سڃاڻپ شيخ ڀرڪيو جت ڳوٺ ڳهڻو خان ٿهيم جي ذوالفقار علي ٿهيم طور ٿي- جوابدار بڪيرا شريف پوليس وٽ اعتراف ڪندي ساڻس گڏ نوتيار عرف پوڙهو ملاح رهندڙ سمهباڻي جو ٻڌايو.بڪيرا شريف پوليس شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي حد اندر ڳوٺ سمهباڻي ۾ جوابدار نوتيار عرف پوڙهو ملاح جي گرفتار لاءِ ڇاپو هنيو جتي جوابدار پوليس کي ڏسي فرار ٿي ويو- پوليس سندس ڀائيٽئي  حبدار ملاح کي ٿاڻي تي کڻي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.