سيوهڻ ۾ ناري اغوا ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيا، وارثن جو ڌرڻو

سيوهڻ(ن ع آ) سيوهڻ جي مڪراني محلي مان 28 ڏينهن اڳ اغوا ڄاڻيل ناري سنيا بلوچ جي وارثن نظير بلوچ, شبير بلوچ, لطيف بلوچ, شاهد بلوچ, اياز بلوچ ۽ ٻين عورتن ۽ ٻارن سميت پريس ڪلب سيوھڻ پھچي اغوا جي جوابدارن کي پوليس پاران گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي متاثر ڌر الزام لڳائيندي چيو ته جوابدار رکيل بڙدي, ديدار بڙدي, برڪت بڙدي, انب بڙدي ۽ ٻين اسان جي نياڻي کي زبردستي اغوا ڪري 28 ڏينهن تائين ساڻس جنسي ڏاڍائيءَ ڪئي جنهن بعد ھنن پوليس کان بچڻ لاءِ ڪورٽ ۾ شاديءَ جو ڪوڙو نڪاح نامو ڏيکاريو ويو آهي. ٻئي طرف اغوا ڄاڻايل ناري سنيا جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل جوابدارن مونکي هٿيارن جي زور تي زبردستي ڪري 28 ڏينهن تائين جنسي ڏاڍائيءَ ڪري منهنجي زندگي تباه ڪري ڇڏي آهي, منهنجي وارثن جوابدارن تي سيوهڻ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آھي پر افسوس ھن  وقت تائين ڪيس داخل هئڻ باوجود جوابدار گرفتار ناهن ٿي سگهيا بااثر جوابدار مونکي منهنجي مائٽن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن. ھن وس وارن عملدارن کان مطالبو ڪيو آھي ته اغوا ۽ ڏاڍائي جي جوابدارن کي گرفتار ڪري کيس انصاف فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.