دريا خان مري لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ زخمي

دريا خان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ عبدالواحد خاصخيلي ۾ خاصخيلي برادري جي 2 ڌرين ۾ پاڻي جي واري تان جھيڙو ٿي پيو  جھيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب طارق عباس خاصخيلي زخمي ٿي پيو زخمي کي علاج لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري منتقل ڪيو ويو زخمي نوجوان جي والد غلام عباس خاصخيلي ٻڌايو ته عبدالجبار عبدالرشيد خاصخيلي ۽ ٻين بنا جواز لٺين ۽ ڪھاڙين سان حملو ڪري نوجوان کي زخمي ڪيو آھي، حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف دريا خان مري ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.