ميهڙ ۾ شارٽ سرڪٽ سبب گهر کي باهه، سامان سڙي رک، احتجاج

ميهڙ ( ن ع آ )ميهڙ ڀنڊ محلا ۾ غلام حسين پنهور جي گهر کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باه لڳي وئي جنهن سبب گهر ۾ پيل  سمورو سامان سڙي ويو جڏهن ته اطلاع باوجود فائر برگيڊ نه پهتي جنهن ڪري شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت باه تي ضابطو آندو باه سبب گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي ويو ۽ گهر جي ڇت ڪري پئي جڏهن ته باه جي اطلاع تي ڊي سي دادو سميع الله نثار شيخ ۔ اسسٽنٽ ڪمشنر ميهڙ فهيم لاکير مختيارڪار الله بخش مگسي واقعي واري هنڌ پهچي معائنو ڪيو ان موقعي تي شهرين پاران ڊي سي دادو آڏو ميهڙ ۾ مسلسل فائر برگيڊ نه هجڻ خلاف احتجاج ڪيو شهري اتحاد جي اڳواڻ نياز علي ٻرڙو چيو ته ميونسپل ۽ روينيو عملدارن ۽ ڊي سي دادو جي ناهلي سبب ماڻهو ڀوڳين پيا ڪروڙين روپين جي بجيٽ هجڻ باوجود شهري سڙي رهيا آهن پر هڪ به فائربرگيڊ ناهي ۔واٽر سپلا۽ اسڪيم بند آهي ميهڙ بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ سعيد پنهور چيو ته اسان جي عزيزن جي گهر کي باه لڳي انتظاميا هڪ ئي جواب ڏنو ته اسان وٽ فائر برگيڊ ناهي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي سي دادو سميع الله نثار شيخ چيو ته باه جو اطلاع ملندي بروقت پھتا آھيون تفصيل ورتا آھن ۽ ميھڙ جي فائر برگيڊ به اڄ تيار ٿي وئي آهي شام يا رات تائين ميهڙ پهچندي شھري مايوس نه ٿين شھر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ ڪوشش ڪري رھيا آھيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.