قمبر مان کنڀي گم ڪيل نوجوان جو پتو نه پيو، وارثن جو ڌرڻو

قمبر(ڊ ر) قمبر جي ڳوٺ لئو ميرجت جاگير مان ٽي ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان احمد علي چانڊيو جو پتو پئجي نه سگهيو. سندس جي بازيابي لاءِ وارثن طرفان ڀٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي  روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي گم ٿيل نوجوان جي  ڀاءُ شوڪت چانڊيو ٻڌايو ته ٽي ڏينهن اڳ پوليس ۽  خانگي ڪپڙا پهريلن اهلڪارن گهر مٿان چڙھائي ڪري منهنجي ڀاءُ احمد علي چانڊيو کي کنڀي کڻي ويا آھن جنهنجو هن وقت تائين ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگهيو آھي حد جي ڊرگهہ ٿاڻي سميت ضلعي قمبر جي مختلف ٿاڻن تي نوجوان جي ڳولا ڪئي آهي پر سندس جو ڪو ڏس پتو نه پيو ٻڌايو وڃي ۽ پوليس جو چوڻ آھي ته اسان کيس گرفتار نه ڪيو آھي احتجاج ڪندڙ چيو ته احمد علي پورهيت آھي ان جو ڪنهن به سياسي سماجي تنظيم سان به تعلق نه آھي سندس جو ڪو ڏس پتو نه ملڻ تي گهر ڀاتي پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آھيون. احتجاج ڪندڙن اپيل ڪندي چيو ته کنڀي گم ڪيل نوجوان کي ظاهر ڪري اسان جي بيچيني ختم ڪئي وڃي جي مٿس ڪو به ڪيس داخل آهي ته کيس عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.