بٺوري ويجھو سوزڪي ۾ پورھيت کان ڦر، پوليس ڏسندي رھي

ميرپوربٺورو (رپورٽ: شوڪت سومرو)ميرپوربٺورو ۾ عيد ويجهو ئي روڊ رستا غير محفوظ بڻجي ويا آهن ۽ ڏوهي وارداتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جڏهن ته صبح فجر وقت ڪراچي ۾ گدرا کپائي سوزوڪي ۾ واپس ايندڙ هاري انور باگڙي کي نامعلوم ڦورن ميرپوربٺورو بائي پاس وٽ هٿيارن جي زور تي روڪي کانئن 30 هزار رپيا روڪ ۽ 2 موبائل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته صحافين سان ڳالهائيندي متاثر هاري انور باگڙي ٻڌايو ته ڦر بعد پوليس اسٽيشن ميرپوربٺورو پهتا سين ته اتي موجود اهلڪارن ڦورن پٺيان هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، هنن چيو ته کانئن ڦر ٿيل روڪ رقم واپس ڏياري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.