پنو عاقل مان چوري ٿيل موٽر سائيڪل هٿ نه آئي

پنوعاقل ( س ر )  پنوعاقل ۾ نجي مائڪرو فنانس بئنڪ جي ملازم ڪشمير ڪٽوھر عوامي ميڊيا سينٽر پنوعاقل ۾ ميڊيا آڏو دانهيندي چيو  ته ڪجھه ڏينهن اڳ پنوعاقل سٽي ٿاڻي جي حد مائڪرو فنانس بينڪ جي ٻاھران بيٺل منھنجي موٽرسائيڪل چور ڪاھي ويا هئا، جنهن جي مون ٿاڻي تي رپورٽ به درج ڪرائي هئي ۽ ان وقت ايس ايچ او الھوڌايو پتافي واعدو ڪندي چيو ھو ته ڪجھه ڏينهن اندر موٽرسائيڪل چور پڪڙي توکي موٽرسائيڪل چورن کان رڪور ڪرائي ڏني ويندي جڏهن ته ڏينهن ڏٺي جو سي سي ٽي وي ڪيمرا ذريعي موٽرسائيڪل چورن جا منهن واضح نموني ڏسڻ ۾ اچي رھيا آھن پر پوءِ به ڪافي ڏينهن گذرڻ باوجود حد جي پوليس چور پڪڙي ناھي سگهي.  ايس ايچ او الھوڌايو پتافي ھيئر ملڻ لاءِ به تيار نه آهي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.