ٽاپ ٽرينڊ بڻيل #LeakedVideo نيٺ ڪنهن جي آهي؟

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان ليڪڊ وڊيو جي نالي سان ٽوئٽر تي ٽرينڊ هلي رهيو آهي، جنهن جو سبب سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي پر هيل تائين ان تي 24 هزار کان وڌيڪ ٽوئيٽس ڪيا ويا آهن.

واهپيدار سياسي صورتحال بابت بيان بازي ڪندي هن هيش ٽيگ کي استعمال ڪري رهيا آهن.

تازو ڪا وڊيو يا آڊيو ته منظرعام تي ناهي آئي پر سوشل ميڊيا تي اهو ٽرينڊ هلي رهيو آهي، جنهن تي بحث ۽ اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن ته وڊيوز ڪنهن جون ليڪ ٿيڻ واريون آهن؟

ڪجهه سالن ۾ پاڪستان ۾ مختلف وقتن تي وڊيوز يا آڊيوز ليڪ ٿينديون رهيون آهن، جن ۾ شوبز شخصيتن سان واڳيل وڊيوز به وائرل ٿيون هيون.

هن ٽرينڊ جي ڪري واهپيدارن ۾ تجسس آهن، هو ڄاڻڻ چاهين ٿا ته اها وڊيو نيٺ ڪنهن جي آهي، ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته اهو ماڻهو رڳو فالوئنگ وڌائڻ جي لاءِ ڪري رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.