ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت 21 رمضان المبارڪ يومِ علي جي موقعي تي صوبي جي تعليمي ادارن ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
يومِ علي جي موقعي تي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
سنڌ جي تعليم کاتي يومِ علي تي موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ 23 اپريل تي موڪل هوندي.
ٻئي پاسي ڪراچي ۾ يومِ علي جي حوالي سان سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.