شان مسعود ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ ڇانئجي ويو، مسلسل ٻه ڊبل سينچريون

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر شان مسعود پنهنجي ڪائونٽي ڪرڪيٽ ڪيريئر ۾ هڪ ٻي ڊبل سينچري اسڪور ڪري ورتي.

شان مسعود ڊربي شائر ڪرڪيٽ ڪلب جي نمائندگي ڪندي ليسٽر شائر خلاف ڊبل سينچري اسڪور ڪئي، جنهن کانپوءِ هو ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ مسلسل ٻن اننگز ۾ ٻه ڊبل سينچريون اسڪور ڪندڙ پهريون پاڪستاني بڻجي ويو آهي.

پاڪستاني اوپنر ان کان اڳ سسڪس خلاف 239 رنسن جي اننگز کيڏي هئي.

گڏوگڏ شان مسعود مسلسل ٻن فرسٽ ڪلاس اننگز ۾ ڊبل سينچريون اسڪور ڪندڙ ٻيو پاڪستاني آهي، ان کان اڳ 78-1977 ۾ حبيب بئنڪ جي ارشد پرويز اهو ڪارنامو انجام ڏنو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.