ق ليگ ايم اين اي حسين الاهي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ لاءِ نامزد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ق ليگ ايم اين اي حسين الاهي کي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو.

پنجاب اسيمبلي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي سان پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مونس الاهي، شهريار آفريدي ۽ زين قريشي به شريڪ هئا.

ان موقعي تي شاهه محمود قريشي چيو ته تحريڪ انصاف ۽ ق ليگ جو گڏجي هلڻ جو سفر ڪاميابي سان جاري آهي.

هوڏانهن ق ليگ ايم اين اي حسين الاهي کي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو آهي.

قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف کي لکت ۾ درخواست ڏني وئي آهي، جنهن تي ايم اين اي مونس الاهي، ايم اين اي فرخ اقبال ۽ حسين الاهي جون صحيحون آهن.

واضح رهي ته ق ليگ جا ٻه وزير چوڌري سالڪ ۽ چوڌري بشير چيما وفاقي ڪابينا ۾ شامل آهن ۽ انهن عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.