وزيراعظم جي ٻيهر رابطي باوجود اي اين پي جو ڪابينا ۾ شموليت کان انڪار

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) هڪ ڀيرو ٻيهر وفاقي ڪابينا جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف اي اين پي قيادت سان رابطو ڪيو ۽ کين ڪابينا جو حصو بڻجڻ جي درخواست ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اي اين پي ڪابينا جو حصو بڻجڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم عوامي نيشنل پارٽي کي هڪ وزارت ڏيڻ جي آڇ ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اي اين پي آصف زرداري کان مواصلات ۽ مملڪتي وزير جو مطالبو ڪيو هو، جڏهن ته مولانا اسعد محمود کي مواصلات جي وزارت ڏيڻ تي اي اين پي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.