شرجيل ميمڻ سنڌ ڪابينا ۾ شامل، صوبائي وزير طور حلف کڻي ورتائين

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ميمبر شرجيل ميمڻ صوبائي ڪابينا جو حصو بڻجي ويو.

شرجيل ميمڻ صوبائي وزير جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو آهي، کيس قائم مقام گورنر آغا سراج دراني حلف کڻايو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي وزير جو حلف کڻڻ تي شرجيل ميمڻ کي مبارڪ ڏني.

ذريعن جو چوڻ آهي ته شرجيل ميمڻ کي اطلاعات واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويندو.

واضح رهي ته شرجيل ميمڻ کي گذريل ڏينهن سنڌ ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته ٽرانسپورٽ واري وزير اويس قادر شاهه کي ڪابينا مان فارغ ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.