بلوچستان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ پاڪ فوج جو ميجر شهيد

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جو ميجر شاهد بشير شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب 21 ۽ 22 اپريل جي رات بلوچستان جي علائقي آواران ۾ دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي پوسٽ تي حملو ڪيو.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته حملي کي ناڪام بڻائڻ کانپوءِ فرار ٿيندڙ دهشتگردن جو پيڇو ڪيو ويو، جڏهن ته انهن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ميجر شاهد بشير شهيد ٿي ويو ۽ هڪ سپاهي زخمي به ٿيو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري جو چوڻ آهي ته فورسز قوم سان گڏجي بلوچستان جي امن، استحڪام ۽ ترقي ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.