لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي مسلمان پارليامينٽ ميمبر ناز شاهه ملڪي وزيراعظم بورسن جانسن جي ڀارت دوري تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
برطانوي پارليامينٽ ميمبر ناز شاهه چيو آهي ته بورس جانسن مودي سرڪار سامهون ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جي ڪيسن تي به آواز اٿاري.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن برطانوي وزيراعظم بورس جانسن ڀارت جي ٻن ڏينهن جي دوري تي ڀارتي رياست گجرات جي شهر احمد آباد پهتو هو، جڏهن ته هو اڄ دهلي ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سان ملاقات ڪندو.