ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪيترائي ڏينهن لاڳيتي واڌ کانپوءِ اڄ رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر سستو ٿيو آهي، انٽر بينڪ ۾ ڊالر 27 پيسا سستو ٿيو آهي.
انٽر بينڪ ۾ ڪاروبار بند ٿيڻ تي هڪ آمريڪي ڊالر جو اگهه 186 رپيا 70 پيسا آهي، ڪاروباري ڏينهن ۾ ڊالر 27 پيسا سستو ٿيو آهي.
سومر کان جمعي تائين ڪاروباري ڏينهن ۾ ڊالر 5 رپيا 14 پيسا مهانگو ٿيو.
اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 50 پيسا گهٽجي 127 رپيا 50 پيسا آهي.