حسن علي جو اينڊرسن سان گڏ بالنگ ڪندي نروس ٿيڻ جو اعتراف

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي جو چوڻ آهي ته انگلش ڪائونٽي ۾ جيمز اينڊرسن سان بالنگ ڪندي نروس هيس.

لنڪاشائر طرفان خطرناڪ بالنگ تي حسن علي جو چوڻ هو ته منهنجو ٽي ٽوئنٽي ڊيبيو به هتان ئي ٿيو ۽ ڪائونٽي ڊيبيو به هتان ئي ٿيو آهي.

هن چيو ته پنج وڪيٽون وٺڻ هميشه فاسٽ بالرز لاءِ خاص هوندو آهي ۽6 وڪيٽون منهنجي لاءِ خاص آهن.

قومي فاسٽ بالر جو چوڻ هو ته جڏهن اوهان جيمز ايندرسن سان بالنگ ڪري رهيا هجو ته سٺو لڳندو آهي، مون کي ياد آهي ته هو گرائونڊ ۾ منهنجي لاءِ تاريون وڄائي رهيو هو، جيڪو يادگار لمحو آهي.

جيمز اينڊرسن سان بالنگ جي حوالي سان هن چيو ته اينڊرسن سان بالنگ ڪندي ڪافي نروس هيس پر هن مون کي سپورٽ ڪيو، ان لاءِ بالنگ ڪرڻ سٺو لڳو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.