اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو عدالتي ڪارروائي جي لائيو اسٽريمنگ جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله عدالتي ڪارروائي جي لائيو اسٽريمنگ جو فيصلو ڪيو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ چيف جسٽس اطهر من الله جي ڪورٽ ۾ لائيو اسٽريمنگ لاءِ سسٽم لڳائي ڇڏيو آهي.

ٽرائل طور اڄ کان چيف جسٽس جي عدالت جي ڪارروائي محدود پئماني تي سڌي ريت ڏيکاري ويندي.

ٽرائل جي ڪاميابي کانپوءِ ويب سائيٽ تي ڪير به لائيو عدالتي ڪارروائي ڏسي سگهندو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لائيو اسٽريمنگ تي هاءِ ڪورٽ رپورٽرز کان تجويزون طلب ڪيون آهن ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسيئيشن کي مدد جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.