صدر کي پنجاب جي وڏي وزير کان حلف وٺڻ لاءِ ٻيو ڪو نمائندو مقرر ڪرڻ جي هدايت

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ صدر کي پنجاب جي وڏي وزير کان حلف وٺڻ لاءِ ٻيو ڪو نمائندو مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير حمزا شهباز جي حلف برادري لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جتي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب احمد اويس پيش ٿيو.

ايڊووڪيٽ جنرل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته گورنر حلف نه وٺي ته اسپيڪر حلف وٺي سگهي ٿو ۽ درخواست ۾ اسپيڪر کي ڌر ناهي بڻايو ويو، گورنر سمجهي ٿو ته وڏي وزير جي چونڊ آئين تحت ناهي ٿي.

چيف جسٽس سوال ڪيو ته اهو ڪٿي لکيل آهي ته گورنر چونڊن کي وڃي ڏسندو؟ ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته گورنر ڪو رٻڙ اسٽيمپ ناهي، غير معمولي صورتحال ٿي، جيڪا اڳ ڪڏهن نه ٿي، هڪ عورت ميمبر زخمي ٿي، هوءَ پنهنجي حياتيءَ جي جنگ وڙهي رهي آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڇا ان واقعي سان هائوس جي پروسيڊنگ ختم ٿي ويندي، اڄ 21 ڏينهن ٿي ويا صوبي ۾ ڪا حڪومت ناهي، جڏهن ته اها چونڊ به عدالت جي حڪم تي ٿي، چونڊ ڪيئن ٿي اهو عدالت ڄاڻي ٿي، گورنر ٻڌائي ته هو غير حاضر آهي يا حلف نٿو وٺي سگهي.

ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته گورنر حلف وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته لکي ڏيو ته گورنر حلف کان انڪار ڪيو آهي ته اسان حلف لاءِ ٻئي ڪنهن کي چئون.

عدالت چيو ته 11 وڳي تائين گورنر کان لکرائي عدالت ۾ پيش ڪيو، جيڪڏهن گورنر انڪار لکي ٿو ته عدالت بدران لاڳاپيل اٿارٽي جو نالو لکو.

پوءِ عدالت ٻڌڻي 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ ٻيهر ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي عدالت گورنر کي حمزا شهباز جي حلف برداري تي انڪار لاءِ تحريري طور آگاهه ڪرڻ جي فيصلي لاءِ ٻي وڳي تائين مهلت ڏني.

ٻي وڳي کانپوءِ جڏهن ٻڌڻي شروع ٿي ته ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته گورنر 24 ڪلاڪن اندر حلف نه وٺڻ جا سبب صدر کي لکي ڏيندو، جنهن تي حمزا شهباز جي وڪيل چيو ته گورنر آئين موجب انڪار نٿو ڪري سگهي.

چيف جسٽس چيو ته آئين تحت گورنر وٽ انڪار نٿو ٿي سگهي، هاڻ اسان پنهنجو فيصلو لکرائي رهيا آهيون.

چيف جسٽس فيصلو لکرايو ڇو ته گورنر وڏي وزير کان حلف وٺڻ کان معذوري ظاهر ڪري ڇڏي آهي، تنهن ڪري صدر ڪنهن ٻئي کي نمائندو مقرر ڪري ته هو وڏي وزير کان حلف وٺي.

چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ آفيس کي هدايت ڪئي ته صدر کي عدالتي فيصلي کان آگاهه ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.