رتي ديري ۾ بدامني، هٿياربندن هٿان وچ بازار ۾ شهري قتل

رتوديرو ( رپورٽ: طفيل ساريو) رتيديري ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهري قتل ٿي ويو. رتوديرو جي وچ شھر سبزي مارڪيٽ واري  علائقي ۾ ھٿياربندن ڏينھن ڏٺي جو فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب رتيديري لڳ ڳوٺ غلام حسين ھڪڙو جو رھواسي 45 ورھين جو جوڳي خان عمراڻي موقعي تي ئي مارجي ويو .  رتوديرو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقہ اسپتال رتوديرو کڻائي آئي جتان ضروري ڪارروائي پوري ٿيڻ بعد مقتول جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ مقتول جي ڀائٽيي جواڻ عمراڻي ميڊيا کي ٻڌايو تہ اسان جو پنهنجي ذات وارن سان زمين تي مسئلو آھي جنهن جو فيصلو بہ ٿيل آھي ان باوجود افضل، شاھ بيگ ۽ گلزار عمراڻي فائرنگ ڪري منهنجي چاچي کي قتل ڪيو آھي، جڏھن تہ آخري اطلاعن تائين حد واري ٿاڻي تي واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگهيو آھي ۽ نه ئي وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آھي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.