ڪراچي/ اسلام آباد( رپورٽر/ م ڊ) حڪومت پاران اٽو گيهه ۽ کنڊ سستا ڪرڻ جو اعلان ٿيندي ئي يوٽلٽي اسٽورن تان اٽو، کنڊ ۽ گيهه غائب ٿي ويا، جڏهن ته بچت بازارن ۾ به سستين شين جا اسٽال نه لڳا آهن. اسلام آباد ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ کنڊ غائب آهي، بچت بازارن ۾ صرف ٻه ڪلو کنڊ ملڻ لڳي آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته سستو گيهه گهٽ خاصيت وارو ملي رهيو آهي. وزيراعظم جي اعلان باوجود ڪراچي جي بچت بازارن ۾ به سستي اٽي ۽ کنڊ جا اسٽال نه لڳا آهن. ڪراچي ۾ به سستي اگهه واري کنڊ غائب آهي. ڪمشنر ڪراچي سستي اگهن وارين شين جا اسٽال نه لڳايا. 03