ڪابل( م ڊ) افغانستان ۾ مسجد ۽ ٿاڻي ڀرسان ڌماڪن ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته 50 زخمي ٿي پيا آهن. مزار شريف جي شيعا مسجد وٽ ڌماڪن سبب 11 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 30 زخمي ٿي پيا. ڌماڪو مسجد جي حدن اندر دڪان ۾ ٿيو، ان وقت نمازي تياري ڪري رهيا هئا. ٻئي طرف قندوز جي ٿاڻي ڀرسان ڌماڪن ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا، 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا. متاثر مسجد شهر ۾ شيعا مسلڪ جي وڏي مسجد آهي.03