افغانستان ۾ حملن سبب 20 ٻار به مارجي ويا، پاڪستان تي الزام

ڪابل( م ڊ)  افغانستان جي پاڪستان سان لڳندڙ علائقن ۾ بمباري سبب 20 ٻارن سميت 40 ڄڻا مارجڻ جا اطلاع آهن. جنهن جو الزام  طالبان سرڪار به پاڪستان تي هنيو آهي. بي بي سي موجب 20 ٻارن سميت 40 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا آهن. افغانستان جي پاڪستان سان لڳندڙ علائقن ڪنڙ ۽ خوست صوبن ۾ بمباري ۾ 20 ٻار مارجي ويا آهن. ميڊيا ادارن موجب 20 ٻارن سميت 40 ڄڻا مارجي ويا آهن . طالبان حملن جو الزام پاڪستان تي لڳايو آهي. افغان پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني سفير منصور خان کي پرڏيهي آفيس گهرائي حملن تي احتجاج ڪيو ۽ اڳتي اهڙن حملن کان پاسو ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. افغانستان ۾ يونيسيف  سربراهه محمد ايويا چيو ته 16 اپريل تي ٿيل حملن ۾ 20 ٻار مارجي ويا. بي بي سي موجب 20 ٻارن سميت 40 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا آهن. پاڪستان جي قومي اسيمبلي ۾ به آواز اٿاريو ويو آهي. ان سلسلي ۾ محسن داوڙ چيو ته افغانستان ۾ لڏي ويل قبائلين کي نشانو بڻايو ويو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.