اوٻاوڙو ڀرسان گهر کي باهه، 2 معصوم ڀينرون سڙي فوت، گهر ساڙڻ جو الزام

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) وٻاوڙو ويجهو کنڀڙا ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد حسن مزاري ۾ ڪکائين گهر کي باھ لڳڻ  جو افسوس ناڪ واقعو پيش آيو، اچانڪ  باھ جي تيز شعلن اک ڇنڀ ۾ گھرن کي خاڪ جو ڍير  بڻائي ڇڏيو، گھر ۾ ستل ٻه سڳيون ڀينرون موقعي تي سڙي فوت ٿي ويون، سڙي فوت ٿي ويلن ۾ 7 سالن جي عاليا ۽ 9 مهينن جي رابعه شامل آهن، اطلاع باوجود باھ تي ضابطو آڻڻ لاءِ فائر برگيڊ عملو نه پھتو، اھڙي افسوسناڪ واقعي کان پوءِ متاثر کليل آسمان ھيٺ ويٺل آهن، ان موقعي تي گھر ڌڻي امير علي مزاري الزام هڻندي چيو ته منهنجي گهر کي ڪنھن دشمني سبب باھ لڳائي آهي، باھ لڳڻ سبب منهنجون  2 نياڻيون سڙي فوت ٿي ويون آھن ۽ گهر جو سمورو سامان اناج سڙي ويو آهي، منھنجو ڪجهه به نه بچيو آھي، مان مسڪين آھيان، مون سان وڏو ظلم ٿي ويو آھي، منھنجا ٻچا سڙي ويا آھن، باھ جي اھڙي واقعي جي جاچ ڪرائي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انھن کي سخت سزا ڏئي مون کي انصاف فرھم ڪيو وڃي ۽ ھن وقت اسين کليل آسمان ھيٺ سوڳ واري حالت ويٺل آھيون، واھر ڪري ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ۽ جيڪڏھن فائر برگيڊ عملو وقت سر پھچي ھا ته ايترو نقصان نه ٿئي ھا، هوڏانهن ايس ايس پي گھوٽڪي اظھر مغل باھ واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او کنڀڙا کي حڪم جاري ڪندي چيو ته فوري واقعي واري هنڌ پهچي انڪوائري ڪري ۽ باھ لڳڻ جو سبب معلوم ڪري جلد رپورٽ ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.