لاهور ( عوامي آاز نيوز ) فيڊرل بيورو آف روينيو جي رڪارڊ مان انڪشاف ٿيو آهي ته پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان جي گهر واري ايف بي آر ۾ پاڻ کي 12 جولاءِ 2021۾ رجسٽرڊ ڪرايو آهي جنهن ۾ پنهنجي نالي سان اڳوڻي مِڙس جو نالو ڳنڊيو آهي ۽ بشريءٰ خاور فريد مانيڪا جي نالي سان رجسٽر ڪرايو آهي ، نامياري صحافي عمران شفقت پنهنجي وي لاگ ۾ ڄاڻايو آهي ته ٽيڪنيڪل ماهرن موجب اهڙي رجسٽريشن گهڻو ڪري ڪاروبار لاءِ ايف بي آر ۾ ڪرائي ويندي آهي ، جڏهن ته گهر جو پتو به 68 ايل گلبرگ جو لکرايو ويو آهي جنهن جي تصديق نه ٿي سگهي آهي ته اهو ڪنهن جو گهر آهي