جن کان به غلطي ٿي، ٺيڪ ڪرڻ لاءِ جلد چونڊون ڪرائن: عمران خان

لاهور(م ڊ)لاهور ۾ پي ٽي آءِ پاران مينار پاڪستان تي عظيم الشان جلسو ڪيو ويو، عوام جي وڏي انگ جلسي ۾ شرڪت ڪئي، امپورٽڊ حڪومت نامنظور جا نعرا هنيا ويا، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم  عمران خان چيو آهي ته پئسا ڏئي ضمير خريد ڪري بوٽ پالش ڪري امپورٽڊ حڪومت مڙهي وئيمان ڪنهن به صورت ۾ هن حڪومت کي قبول نه ڪندس، ڪرپٽ ترين ماڻهن ۽ غلامن کي ڪڏهن قبول نه ڪندس، مان جڏهن کان وزيراعظم بڻيس ته پهرين ڪوشش هئي ته آزاد پرڏيهي پاليسي بڻجي، اسان جيڪي به فيصلا ڪريون اهي پنهنجي ماڻهن جي مفادن تحت ڪريون، منهنجا فيصلا منهنجي قوم لاءِ هجن، اهي هڪ ئي ڌمڪي تي سموريون ڳالهيون مڃرائي ڇڏينداسين، هن چيو ته مون گڏيل قومن ۾ اسلاموفوبيا خلاف ٺهراءُ ٻاهر جي ماڻهن کي پسند نه آئي، مون ڪڏهن ڪنهن کان ڊڪٽيشن نه ورتي، ٻاهر کان حڪم آيو ته توهان روس ڇو ويا؟ مان روس ان ڪري ويس ته پاڪستان ۾ گئس ختم ٿي رهي آهي، ان سان معاهدو ڪرڻو هو، روس اسان کي تيل 30 سيڪڙو گهٽ اگهه تي ڏئي رهيو هو، ان جومطلب ته پيٽرول ۽ فضل الرحمان کي 30 سيڪڙو گهٽ ڪريون، اسان کي روس مان 20 لک ٽن ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻي هئي اها به 30 سيڪڙو گهٽ اگهه تي ملي رهي هئي مان مهانگائي گهٽ ڪري پئي سگهيس، هندستان جيڪو آمريڪا جو ويجهو اتحادي آهي، اهو روس کان تيل وٺي رهيو آهي، ان آمريڪا کي سڌو جواب ڏنو ته اسان پنهنجي عوام جي مفادن ۾ فيصلا ڪندا آهيون، اسان جي پرڏيهي پاليسي ڪنهن ٻئي قوم لاءِ هلي رهي هئي، هن چيو ته چين سان لاڳاپا به پسند نه آيا، تڏهن کان ٻاهر کان سازش تيار ٿي، مير جعفر ۽ مير صادق کانسواءِ سازش ڪامياب نٿي ٿي سگهي، هن چيو ته اسان جي معيشت صحيح طرف ڏانهن وڃي رهي هئي، نه ن ليگ ۽ نه پ پ ان جو مقابلو ڪيو، اسان جي ايڪسپورٽ وڌي رهي هئي، ڪڏهن پاڪستان ۾ ايتري وڏي انگ ۾ ڊالر نه آيا، 31 ارب ڊالر ٻاهرين ملڪ پاڪستانين پاران موڪليا ويا، اسان سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس وصوليون ڪيون، ننڍي کنڊ ۾ سڀ کان گهٽ بيروزگاري پاڪستان ۾ هئي، پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن ڪورونا دوران پنهنجي معيشت، عوام کي بچايو، هن چيو ته شگر مافيا ۾ ٻنهي پارٽين جا طاقتور سياستدان شامل آهن اسان هارين کي انهن کان پئسا ڏياريا، پاڪستان جي تاريخ ۾ رڪارڊ فصلن جي پيداوار ٿي، ڪڻڪ ، ڪمند، مڪائي، پٽاٽن، چانورن جي رڪارڊ پيداوار اسان جي دور ۾ ٿي، جڏهن دنيا چئي رهي هئي ته پاڪستان جي معيشت آءِ ايم ايف جي غلامي مان نڪري رهي هئي ته سازش ڪري اسان جي حڪومت ڪيرائي وئي، ڇا عمران خان لنڊن ۾ ڪي فليٽ ورتا، ڪي فيڪٽريون ٺاهيون، اڳ ۾ حڪومتون ڪرپشن الزام ۾ برطرف ٿينديون هيون، مون تي ڪرپشن جو ڪو الزام ناهي، مون تي الزام هنيو پيو وڃي توشا خانه مان تحفا وٺي وڪرو ڪيا، انهن جي زماني ۾ توشاخانه ۾ 15 سيڪڙو پئسا  ڌئي تحفا ورتا ويندا هئا، مون جيڪي به تحفا ورتا اهي 50 سيڪڙو پئسا ڏئي ورتا، هن چيو ته مون انهن پئسن مان بني گالا ۾ روڊ ٺهرايا، حڪومت جي پئسن مان اهي روڊ نه ٺهرايا، مان پهرين ڏينهن کان مشرف جي فون ڪال تي ڍير ٿيڻ واري پاليسي جي خلاف هيس، امريڪا جي جنگ خلاف هر فورم تي آواز اٿاريو، منهنجو جيئڻ مرڻ پاڪستان لاءِ آهي، مان ڇو آمريڪا لاءِ پنهنجو ملڪ قربان ڪريان،انهن کي چيري باسم جهڙو بوٽ پالشي کپي پيو، انهن جا اثاثا ٻاهرين ملڪ پيل آهن،اهي ڪڏهن سامراج جو دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهندا، ڊرون حملن تي نوازشريف ۽ ٻين جي واتان هڪ لفظ به نه ٻڌم، هڪ آمريڪي عهديدار جو خط اچي ٿو اسان جي سفير ڏانهن، انهن جو تڪبر ڏسو ته چون ٿا ته عمران خان کي بي اعتمادي رٿ ۾ نه هارايو ته پاڪستان کي وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو، ان عهديدار کي پهرين کان خبر هئي ته بي اعتمادي رٿ اچڻ واري آهي، هن چيو ته رات جو ٻارهين وڳي عدالتون کلي وڃن ٿيون، ٿري اسٽوجز ملڪ تي مڙهڻ کان وڌيڪ ڪو ٻيو ڪهڙو ظلم ٿي سگهي ٿو،  لاهور کي خبر آهي ته هڪ هڪ شئي تي رشوت وٺندو آهي ان کي پنجاب جو وڏو وزير بڻايو ويو آهي، مان مغرب وارن کي سڃاڻان ٿو ،ٻيا ملڪ چون ٿا ته چورن کي پاڪستان تي مڙهيو ويو آهي، توهان مون کي ووٽ ڏيو يا نه، پر انهن ضمير فروشن کي ووٽ نه ڏجو جيڪي سنڌ هائوس ۾ 20،20 ڪروڙن ۾ وڪامجي ويا، هن چيو ته چيري باسم چوندو هو ته آصف زرداري جو پيٽ ڦاڙي پئسا ڪڍندس،ڇا نوازشريف آصف زرداري کي ٻه ڀيرا جيل ۾ نه وڌو هو، ڇا آصف زرداري نوازشريف تي حديبيه پيپر ڪيس نه ٺاهيو هو؟ ڇا اهي ٻئي گڏجي فضل الرحمان کي ڊيزل نه چوندا هئا؟ شهبازشريف ۽ هن جي پٽن تي 40 ارب رپين جي ڪرپشن جا ڪيس آهن، ان کي وزيراعظم بڻايو ويو آهي، انهن ايف آءِ اي آفيسرن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، نوازشريف جا ٻئي پٽ ٻاهرين ملڪ فرار ٿيا، اسحاق ڊار ن ليگ جي حڪومت ۾ ٻاهر فرار ٿيو، اهڙن ماڻهن کي اسان مٿان مڙهيو ويو آهي، 95 سيڪڙو ڪيس انهن خلاف اسان جي دور ۾ نه ٺهيا، هاڻي ايف آءِ اي ڪيئن ايڪشن کڻندي، کين خبر آهي ته اهي انتقامي ڪارروايون ڪندا، مان ادب سان عدليه کان پڇان ٿو ته انهن آفيسرن جي حفاظت ڪرڻ توهان جي ذميواري ناهي، هن چيو ته ساڍا ٽي سال ڪوشش ڪندو رهيس ته اهي ڪرپشن ڪيس اڳتي وڌن، زرداري ۽ اومني گروپ تي اربين رپين جا ڪيس آهن، بلاول کي به انهن جعلي اڪائونٽس مان پئسا وڃي رهيا آهن، سنڌ جي وڏي وزير خلاف به ڪرپشن ڪيس آهن، نيب ته منهنجي ماتحت نه هئي، عدليه به آزاد آهي، اهڙن ماڻهن لاءِ ڪرپشن ڪا برائي ناهي، جن ماڻهن کي جيل ۾ هجڻ گهرجي ها اهي يا ته وزيراعظم ، وزير ۽ ڪو وڏو وزير ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هن چيو ته مان جيستائين زنده آهيان انهن ڪرپشن مافياخلاف وڙهندو رهندس، هن چيو ته آءِ ايم ايف کان 6 ارب ڊالر وٺڻ تي زنجير پيرن ۾ وجهي وڃي ٿي، هر سال هڪ هزار ارب ڊالردنيا جي غريب ملڪن مان مني لانڊرنگ جي صورت ۾ امير ملڪن ڏانهن منتقل ٿين ٿا، اسان جي ملڪ مان هر سال 15 ارب ڊالر ٻاهرين ملڪ مني لانڊرنگ ٿين ٿا، پاڪستانيو توهان کي انهن جو مقابلو ڪرڻو آهي، هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي ته ن ليگ ۾ ڪو عهدو ڏئي ڇڏيو، فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اسان کي ٻاهرين ملڪ مان پاڪستانين پئسا موڪليا، جڏهن توهان جاچ ڪريو ته ن ليگ ۽ پ پ جي به گڏيل جاچ ڪريو، اوپن انڪوائري ٿيندي ته کير جو کير پاڻي جو پاڻي ٿي ويندو، انهن کي بزنيس مين پئسا ڏيندڙ آهن، شهبازشريف تون غلام هوندين، هي قوم غلام ناهي، ٻيو چوي ٿو ته اسان لائيف سپورٽنگ مشين تي آهيون، ان کي شرم اچڻ گهرجي، توهان 22 ڪروڙ عوام کي غلام بڻائي ڇڏيو، هن چيو ته خط معاملي تي  اسان ڪا به ڪميشن نه مڃينداسين، سپريم ڪورٽ ۾ کليل ٻڌڻي ڪئي وڃي، هن چيو ته اسحاق ڊار جي پيءُ جي سائيڪلن جي دڪان هئي، اهي ماڻهو مشڪل ۾ ٻاهر ڀڄي وڃن ٿا، مان پنهنجي ملڪ ۾ رهندس، اسان ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جو ٽڪراءُ نٿا چاهيون، اسان جي فوج پنهنجي آهي، طاقتور فوج جي ڪري ملڪ بچيل آهي، ڪنهن به قسم جو ملڪ کي نقصان پهچائڻ نٿا چاهيون، پر هن امپورٽڊ حڪومت کي قبول نه ڪنداسين، تحريڪ ختم نه ٿيندي، اصل پارٽي ته هاڻي شروع ٿي آهي، حقيقي آزادي جي تحريڪ ۾ سڀني کي شامل ڪرڻو آهي، مان چاهيان ٿو ته جلد کان جلد اليڪشن جو اعلان ڪيو وڃي، اسان جمهوريت چاهيون ٿا، پر هن سليڪٽڊ امپورٽڊ حڪومت کي تسليم نه ڪنداسين، جن کان به غلطي ٿي غلطي ٺيڪ ڪرڻ جو طريقو آهي ته فوري چونڊون ڪرايو، 27 تاريخ تي دعا ڪريو، عمران خان حلف ورتو ته اليڪشن لاءِ جدوجهد ڪنداسين، اسلام آباد ۾ منهنجي ڪال جو انتظار ڪجو، ان کان اڳ فواد چوڌري چيو ته اڄ پاڪستان جا فيصلا واشنگٽن ۾ ٿي رهيا آهن، هن وقت ڪابينا ڏوهارين ۽ پاڪستان دشمنن تي ٻڌل آهي، جيڪو جهڙي ڏوهه جو ايڪسپرٽ آهي ان کي انهيءَ کاتي جو وزير بڻايو ويوق ليگ اڳواڻ مونس الاهي چيو ته توهان جي وزيرن پنجاب ۾ سازش کي ناڪام بڻايو، قدم وڌايو عمران خان اسان توهان سان گڏ آهيون، اسان جي وزيراعظم عمران خان ۽ عوام کي سلام پيش ڪريان ٿو، اسان جو آئنده لاءِ به وزيراعظم عمران خان هوندو، مونس الاهي خطاب دوران شهبازشريف کي نوٽنڪي جو خطاب ڏنو، شيخ رشيد چيو ته مون روضه رسول پاڪ صلعم ۽ خانه ڪعبه تي ماڻهن کي عمران خان لاءِ روئيندي ڏٺو، ڊيزل جو پٽ مواصلات جو وزير بڻايو ويو آهي، جنهن ڪڏهن مسجد جو غسل خانو نه بڻايو، بلوراني لنڊن ويو آهي، آصف زرداري کي صدر بڻائڻ لاءِ، اهو اهو زرداري آهي جنهن پنهنجي زال کي قتل ڪري جعلي وصيت تي ملڪ جي رياست تي قبضو ڪيو، رات جي آخري ڦڙي تائين عمران خان سان گڏ آهيان،پوءِ هن مرتضيٰ ڀٽو کي مارايو، شاهنواز کي زهر ڏياريو، هن نقيب الله محسود کي به قتل ڪرايو، عمران خان جو وار به ونگو ٿيو ته پوءِ پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه  ٿيندي، هن چيو ته عمران خان جو اهو ڏوهه آهي ته چورن، ڦورن، بدمعاشن ،جيب تراش 13 پارٽين جي ڪرپشن خلاف وڙهيو، عمران خان زبردست ڳالهه ڪئي آهي ته فوج عمران خان جي نه ملڪ جي ضرورت آهي، مون کي ٻڌايو وڃي ته مقصود چپڙاسي ذريعي  12 ارب مني لانڊرنگ ڪندڙ کي ڪير عزت ڏيندو، شاهه محمود قريشي چيو ته 5 سالن جو مينڊيٽ پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو،ن ليگ کي سمورين نااهلين باوجود 5 سال پورا ڪرڻ ڏنا ويا،  پ پ ڪرپشن باوجود پورو ڪري ويهي، ضمير وڪرو ٿي ويا، ٻوليون لڳي ويون،هن چيو ته اسلام اباد ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ هڪ نئين سازش تيار ٿي رهي آهي،  اهي هڪ نئين سازش ذريعي عمران خان کي نااهل ڪرڻ چاهين ٿا، عقل جا انڌا هي ميڙ ڏسو توهان کي عمران اڪيلو نظر اچي رهيو آهي، فيصلا اسلام اباد ۾ ٿيندا يا واشنگٽن ۾ اهو اڄ طئي ڪرڻو آهي، اچو اليڪشن ۾ مقابلو ڪريو،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.