هن سال خساري واري بجيٽ هوندي، مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد/لنڊن(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي، ته آءِ ايم ايف جي پروگرام کي ٽريڪ تي واپس آڻڻ لاءِ واشنگٽن روانو  ٿي رهيو آهيان. پي ٽي آءِ جي حڪومت گئس جي شعبي ۾ 1500 ارب رپين جو گردشي قرض ڇڏي وئي آهي. خميس ڏينهن ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي پروگرام کي ٽريڪ تي واپس آڻڻ لاءِ واشنگٽن روانو ٿي رهيو آهيان. ان پروگرام تي پي ٽي آءِ ۽ عمران خان ڊي ريل ڪري ملڪي معيشت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو هو. حماد اظهر گئس جي شعبي ۾ 1500 ارب رپين جي گردشي قرض جو اعتراف ڪيو آهي. هن چيو ته اليڪشن ئي مسئلن جو حل آهي، ملڪ کي پٽڙي تي آڻي اليڪشن ڏانهن وينداسين، مفتاح اسماعيل لنڊن ۾ نوازشريف ۽ اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.