ڄام عبدالڪريم پيش نه ٿيو، عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي (رپورٽر) ناظم جوکيو قتل ڪيس جي ٻڌڻي سينٽرل جيل ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي، جنهن دوران ايم پي اي ڄام اويس ۽ ٻِيا جوابدار پيش ٿيا، جڏهن ته ايم اين اي ڄام عبدالڪريم پيش نه ٿيو، عدالتي نوٽيس  تي عمل نه ڪرڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، عدالت جاچ آفيسر کي حڪم ڏنو ته ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا وڃن، عدالت سماجي تنظيم کي ڌر بڻائڻ جي درخواست منظور نه ڪئي، ڄام عبدالڪريم جي وڪيل وزير کوسي چيو ته پاڪستان سميت دنيا ۾ اهڙو ڪو به مثال ناهي ته ڪنهن سماجي تنظيم کي ڌر بڻائي سگهجي، بئريسٽر مصطفيٰ مهيسر چيو ته درخواستگذار جو چوڻ آهي ته منهنجي وڪيل کانسواءِ ڪوبه منهنجي ڪيس جي پيروي نه ڪندو، عدالت چيو ته پهرين عدالت کي مطمئن ڪيو وڃي ته سماجي تنظيم کي ڪهڙي قانون تحت ڌر بڻائي سگهي ٿي، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 29 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.