جوابدار جي ماءُ جي گهر تي ڇاپو ايف آءِ اي آفيسر کي مهانگو پئجي ويو

ڪراچي (رپورٽر) مک جوابدار جي ماءُ جي گهر تي ڇاپو ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر کي مهانگو پئجي ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ اجازت وٺڻ بنا ڪارروائي ڪندڙ ايف آءِ اي آفيسر خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ۾ ڪوڙو سون رکي بينڪ مان 55 ڪروڙ رپين جو قرض وٺڻ واري مامري تي ايف آءِ اي جي ڇاپي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران عدالت اجازت کانسواءِ ڇاپو هڻندڙ ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر اسفند يار تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو،  جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو رمارڪس ڏنا ته ڇا ملڪ ۾ بادشاهت آهي جيڪو وڻي ڪيو، ڇا ملڪ ۾ عدالتون بند ٿي ويون آهن؟، ڪهڙي جڊيشل مئجسٽريٽ کي گڏ وٺي ويا هئا؟ عدالت چيو ته ڪنهن خلاف جاچ جو مطلب اهو ناهي ته قانون ٽوڙيو وڃي، ڪنهن جي گهر ۾ بنا اجازت گهڙڻ بدنيتي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.