اسلام آباد( م ڊ) حڪومتي قرضن تي شوڪت ترين ۽ مفتاح اسماعيل آمهون سامهون اچي ويا آهن. ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو ته 71 سالن ۾ 250 کربن جو قرض ورتو ويو پر عمران خان جي ساڍن ٽن سالن ۾ 200 کرب قرض ورتا ويا. شوڪت ترين چيو عمران حڪومت 178 کرب قرض ورتو، جنهن ۾ 89 کرب اڳوڻين حڪومتن جو وياج هو. ان تي جواب ڏيندي مفتاح اسماعيل چيو ته پنهنجي ادائگي ۾ وياج ڳڻيو ٿا، ٻين مان وياج الڳ، ڪهڙي منطق آهي.03