ڄام شوري ۾ جاويد شوري جي بازيابي لاءِ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

ڄامشورو( رپورٽ: صدر جوڻيجو ) ڄامشوري ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي اڳواڻ جاويد شورو کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف انڊس هاءِ وي تي 3  ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو, ايس يو پي ڄامشورو جي صدر جاويد شورو کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو، خدا بخش ٿيٻو, حافظ بخشل سهڙو, دريا خان لغاري, اصغر سولنگي, شهنواز خاصخيلي, ساگر جمن بڙدي, پير بخش سهارڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي گيٽ سامهون ڄامشورو_سيوهڻ انڊس هاءِ وي روڊ تي ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي  ۽ روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. جڏهن ته ڌرڻي ۾ جاويد شورو جي پيرسن امڙ بختاور شورو سميت سياسي، سماجي، علمي، مذهبي ۽ ادبي تنظيمن جي اڳواڻن حمايت طور شرڪت ڪئي آهي. جڏهن ته نوجوان راڳي وقار ملاح قومي گيت چئي کنڀيل ڄامشورو جي متحرڪ نوجوان جاويد شورو کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن روشن ٻرڙو, خدا بخش ٿيٻو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو  ته پارٽي ڪارڪنن کي جبري طور کنڀي گم ڪيو پيو وڃي .هنن چيو ته اسان  پرامن سياست ۾ يقين رکون ٿا ۽ هن ملڪ جي فيڊريشن ۾ رهي سياست ڪرڻ چاهيون ٿا ان لاءِ  اسان سيد جي ڏنگن ٻارن کي جمهوري رستي تي آندو . ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو پنهنجي تقرير دوران اعلان ڪندي چيو آهي آهي ته کنڀي گم ڪارڪنن جي آزادي لاءِ 23 اپريل  تي حيدرآباد ڊويزن ۾ مظاهرا ڪيا ويندا ۽ جاويد شورو سميت وقار پنهور ۽ زاهد چنا جي جبري گمشدگي خلاف پڻ پٽيش داخل ڪئي ويندي. جبري طور کنڀي گم ڪيل جاويد شورو جي امڙ بختاور شورو  پڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته منهنجي ٻچي جاويد شورو کي گذريل 12 ڏينهن کان کنڀي گم ڪيو ويو آهي جنهن جي آزادي لاء ميڊيا جي ادارن, ٿاڻن ۽ ڪورٽن تائين به دانهيو آهي پر جاويد شورو جو ڪٿان به ڪو به ڏس پتو نٿو پوي, هن چيو ته جاويد شورو کي بلاجواز کنڀي گم ڪيو ويو آهي پٽ جي آزادي ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.