ٽنڊوباگو ڀرسان مهمان ٿي آيل ٿر واسي واپاري ڪهي قتل

ٽنڊوباگو(رپورٽ: دوست محمد چانڊيو) ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ حاجي ابريو ڏگو ۾ غلام رسول ڏگو جي اوطاق تي ستل ٽن مهمانن مان هڪ  ڄڻي ڀيشم پٽ ڍوليو لوهاڻو کي نامعلوم جوابدارن خنجرن جا وار ڪري ڪھي قتل ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي ٽنڊوباگو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو پهچايو ويو، قتل ٿيل نوجوان ٿر جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي،  سندس ٽنڊوباگو ۾ سولر پليٽن جو دڪان آهي، گذريل رات هي مهمان ٿي ڳوٺ حاجي ابريو ڏگو ۾ غلام رسول ڏگو جي اوطاق تي ستل هئا، جتي هي واقعو پيش آيو آهي، پوليس لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ايس ايڇ او ٽنڊوباگو محمود احمد خان صحافين کي ٻڌايو ته واقعي جي مڪمل جاچ ڪرڻ بعد ئي خبر پوندي ته نوجوان کي ڪهڙي سبب قتل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.