ملڪ ۾ نفرتون ۽ ويڙهه وڌي رهي آهي: سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ملڪ ۾ نفرتون ۽ ويڙهه وڌي رهي آهي. 74 سالن جي فرسوده نظام عوام جي زندگين ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي. اسان جي عدالتن، معيشت، تعليمي نظام ۽ گهرن ۾ انگريزي نظام رائج آهي. سامراج جي وفادارن موجوده نظام جي حمايت ڪئي آهي. صورتون بدلجنديون رهنديون آهن، نظام نه بدلندو آهي. مختلف پارٽيون ۽ فوجي آمر وڏين دعوائن سان اقتدار ۾ آيا پر عوام جي زندگين ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي.هڪ پارٽي ”روٽي، ڪپڙو ۽ گهر“ جو نعرو هنيو، جڏهن ته ٻئي ملڪ کي ”ايشين ٽائيگر“ قرار ڏنو. هڪ فوجي ڊڪٽيٽر ”پاڪستان فرسٽ“ جي نعري سان ملڪ تي گهڻو وقت حڪومت ڪئي. پي ٽي آءِ نئين پاڪستان ۽ تبديليءَ جون وڏيون دعوائون ڪندي رهي آهي پر اڄ حقيقت سڀني جي سامهون آهي. حڪمران طبقو مسلسل قوم کي دوکو ڏئي رهيو آهي. اصل تبديلي قرآن ۽ سنت جي متعارف ٿيڻ سان ايندي.جماعت اسلامي چاهي ٿي ته چوڪيدار تبديل ڪرڻ بدران نظام تبديل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.