خانواهڻ ڀرسان زمين جي تڪرار تان سوٽن ۾ جهيڙو، فائرنگ ۾ 2 ڀائر مارجي ويا

خانواهڻ / ڪنڊيارو / نوشهروفيروز (نمائندا) خانواهڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ شادن مري ۽ ڳوٺ عبدالقيوم ڪونڌر وٽ ڪونڌر برادري جي  ٻن ڌرين ۾ 20 ايڪڙ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، جنھن فائرنگ ۾ ٻه سڳا ڀائر 32 ورهين جو جاويد علي ۽ 28 ورهين جو سجاد علي پٽ عبدالقيوم ڪونڌر ٿڏي تي مارجي ويا، جڏهن ته جوابدار هوائي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي خانواهڻ پوليس پهچي ٻنهي ڀائرن جا لاش پنهنجي تحويل ۾ ورتا، جيڪي پوسٽ مارٽم لاءِ ڪنڊيارو اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙهه سندن وارثن حوالي ڪيا ويا، مارجي ويل ٻنهي ڳڀرو ڀائرن جا مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ان موقعي تي هر اک آلي هئي، 20 ايڪڙ زمين جي مالڪي تان جهيڙيندڙ ٻئي ڌريون پاڻ ۾ سڳا سئوٽ آهن، مقتولن جي وڏي ڀاءُ عبدالرئوف ڪونڌر ٻڌايو ته ظالمن سندس ٻن نوجوان ڀائرن کي بيگناهه قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي، هن گهر ڪئي ته قاتلن کي ترت گرفتار ڪيو وڃي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او خانواهڻ ٻڌايو ته وارثن جي پهچڻ تي قتل ڪيس داخل ڪري قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي ويندي، هوڏانهن ڊي ايس پي ڪنڊيارو جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالن خانواهڻ ۽ ڳوٺ عبد القيوم ڪونڌر تي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پر اهي پنهنجا گهر خالي ڪري نامعلوم هنڌ فرار ٿي ويا، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو نه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي، مقتول جاويد علي کي گھرواري ۽ ٽن پٽن جو اولاد آهي جڏهن ته سجاد علي کي ھڪ گھرواري ۽ هڪ پٽ جو اولاد آهي، ٻنهي نوجوانن جي قتل تي علائقي ۾ سوڳ ڇانيل آهي، جڏهن ته ڇڪتاڻ سبب سخت خوف ۽ حراس به آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.