عثمان شاهه هڙي کي لائبريري ڏيو

لائبريري انهن اهم جڳهن منجهان هڪ آهي جيڪا معاشري ۾ ڄاڻ جي ڦهلاءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. اُن کان علاوه لائبريري، بي پهچ شاگردن جي لاءِ ڪتابن جو ذخيرو مهيا ڪري ٿي جِتان غريب شاگرد پنهنجي ڄاڻ جي اُڃ کي اُجائي سگهن ٿا. لائبريري جي معاشري ۾ اهميت کان ڪو بي وقوف يا اڻ ڄاڻ ئي انڪار ڪري سگهي ٿو. اڄڪلهه جي جديد دنيا ۾ لائبريريون معاشري جي اهم ۽ بنيادي ضرورت سمجهيون وڃن ٿيون.

عثمان شاه هڙي ٽنڊي الهيار ضلعي جي اهم علائقن ۾ شمار ٿئي ٿو جنهن جي آبادي لڳ ڀڳ ٻه لکن تائين آهي ۽ سوين ڳوٺن کي ضلعي هيڊ ڪواٽر ٽنڊي الهيار سان ملائي ٿو. عثمان شاهه هڙي ۾ سون جي تعداد ۾ سرڪاري ، نيم سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارا آهن. عثمان شاهه هڙي جي پس گردائي معدني ذخيرن سان مالا مال آهي  انهيءَ باوجود عثمان شاهه هڙي تعليمي لحاظ کان ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي. عثمان شاهه هڙي تعليمي نظام جي اهم ضرورت لائبريري کان پڻ محروم رکيو ويو آهي.

لائبري جي اهميت کي نظر ۾ رکندي عثمان شاهه هڙي جي ڪيترن ئي باشعور استادن، شاگردن، ڪتابن سان دلچسپي رکندڙن ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمن تي لائبريري جي قيام لاءِ پنهنجو آواز اٿاريو. ان کان علاوه ٽنڊوالهيار جي ڊپٽي ڪمشنر طرفان سپريم ڪورٽ جي سي پي نمبر 46/2013 ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سي پي نمبر 5841/2018 ۾ جاري ڪيل حڪم جي تعميل ۾ تاريخ 8 سيپٽمبر 2021 جي هڪ اخبار ۾ هڪ نوٽيس جاري ڪيو ويو جنهن ۾ عوام کان  تعليم ۽ صحت ۾ امڪاني ۽ گھربل ڪميونٽي منصوبن جي لا۽ درخواستون گهريون ويون۔ جنهن جي جواب ۾ عثمان شاهه هڙي جي باشعور استادن، شاگردن، ڪتابن سان دلچسپي رکندڙن ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن طرفان تاريخ 16.09.2021 تي  هڪ گڏيل درخواخست پڻ جمح ڪرائي وئي پر ڇهه مهينا گذرڻ جي باوجود به ضلعي انتظاميا ٽنڊوالهيار لائبريري جي قيام جي لاءِ نه ئي ڪو قدم کنيو آهي ۽ نه ئي عوام جي گڏيل درخواست جو ڪو مطئمن ڪندڙ جواب ڏئي سگهي آهي.

انهيءَ سلسلي ۾ عثمان شاهه هڙي ۽ ڀر پاسي جي عوام جو اعلي عهديدارن کان  پرزور مطالبو آهي ته عثمان شاهه هڙي ۾ جديد سهولتن سان آراسته لائبريري جي قيام لاءِ ترت ۽ جوڳا قدم کنيا وڃن ته جيئن عثمان شاهه هڙي ۽ ڀر پاسي جي باشعور عوام ڄاڻ جي زيور سان مالامال ثي معاشري ۾ بهترين ۽ مثبت ڪردار ادا ڪري سگهي.

سراج احمد عاقلاڻي /عثمان شاهه هڙي، ضلعو ٽنڊوالهيار

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.