معاشي بحران ۽ عوام جي توقع

جيتوڻيڪ ملڪ ۾ گڏيل اپوزيشن جي مدد سان  مسلم ليگ نواز جي قيادت ۾ اتحادي سياسي پارٽين جي حڪومت ته قائم ٿي وئي آهي پر هن وقت هڪ ڀيرو ٻيهر ڊالر جي مقابلي ۾ روپئي جوملهه ڪري پيو آهي، جنهن کي ملڪ جا ماهر بي يقيني سان ڀيٽي رهيا آهن، هڪ ئي وقت ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي بحران عوام کي وري بي يقيني واري ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي،

موجوده سرڪار جي معاشي ٽيم جي اڳواڻ ۽ ناڻي جي صلاحڪار پڻ اهو چئي ڇڏيو آهي ته هو پيٽرول توڙي ٻئي ٻارڻ وغيره تي ڏنل سبسڊي جا متحمل نٿا ٿي سگهن، جنهن مان اهو اشارو ملي  ٿو ته شايد هن ڀيري وري پندرهن ڏينهن پورا ٿيڻ کان پوءِ پيٽرول جا اگهه وڌايا ويندا، ظاهر آهي ته پيٽرول هڪ اهڙو اسم آهي جنهن جي وڌڻ سان مهانگائي وڌي ويندي، جڏهن ته هاڻوڪي سرڪار مهانگائي کي بنياد بڻائي ئي اڳوڻي  حڪومت خلاف جدوجهد ڪئي هئي جنهن ۾ کين ڪاميابي ملي، جنهنڪري ئي عام ماڻهو اهو ئي سوچي رهيو هو ته هاڻي هو مهانگائي مان آجو ٿي ويندو پر هن حڪومت جو به ساڳيو راڳ آهي، جنهنڪري عام ماڻهو وري پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويندو.

ناڻي وارو صلاحڪار مفتاح اسماعيل آءِ ايم ايف جي نمائندن سان ملاقات ڪرڻ جي لاءِ پرڏيهه روانو ٿي ويو، جنهن جو مقصد  آءِ ايم ايف کان هڪ ارب رپين جي قسط وٺڻ ۽  ٻه ٽه ماهي ريويو جمع ڪرائڻ آهي ان کان اڳ  پريس بريفنگ ۾ مفتاح اسماعيل انڪشاف ڪيو هو ته آءِ ايم ايف چاهي ٿو ته پاڪستان گذريل حڪومت پاران ڏنل سبسڊي ختم ڪري، جنهن ۾ پيٽرول جي قيمتن ۽ بجلي جي قيمتن ۾ رليف شامل آهي.هن اڳوڻي حڪومت پاران ان قدم کي وڏي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي، سندس موجب ماهرن ان کي پاڪستان جي آءِ ايم ايف کي 6 بلين ڊالر جي توسيع فنڊ جي سهولت لاءِ ڪيل واعدن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. ناڻي واري صلاحڪارن جو چوڻ هو ته گذريل حڪومت 25 ارب رپين جو پرائمري بيلنس برقرار رکڻ جو عزم ڪيو هو جيڪو هاڻي 1.30 ٽريلين رپين سان خساري ۾ آهي، اسان آءِ ايم ايف جو موقف ٻڌو آهي پر اڃا تائين ڪو به واعدو ناهي ڪيو.

هر ڪنهن پارٽي وٽ پنهنجا ماهر هوندا پر عوام رڳو اهو ٿو چاهي ته هن کي ڪهڙي طريقي سان رليف ملي سگهي ٿو، عام ماڻهو انگن اکرن جي ان گورک ڌنڌي مان نٿو ڄاڻي جيڪو هن کي معاشي ماهر ٻڌائيندا رهن ٿا، اڳوڻي سرڪار جيڪو ڪجهه هڪ عام ماڻهو سان ظلم ڪيو هو اهو هن کان اڳ ڪڏهن به نه ٿيو هو جنهنڪري ماڻهن جي بجيٽ ايتري ته آئوٽ ٿي وئي جو واقعي عام ماڻهو پنهنجي رواجي زندگي گذراڻ ۾ گهڻو پريشان ٿي ويو هو، جنهنڪري ئي هن حڪومت مان اها اميد رکڻ لازمي ٿي پيو هو ته اها کيس رليف ڏيندي. جيتوڻيڪ مسلم ليگ ن جي اتحادي حڪومت گذريل حڪومت پاران کنيل پيٽرول ۽ بجلي جي سبسڊي واري قدم کي اڃا تائين واپس نه ورتو آهي، وزيراعظم شهباز شريف گذريل هفتي چيو هو ته حڪومت پيٽرول ۽ بجلي جي سبسڊي کي واپس نٿي ڪري، پر ان بعد ان قدم جي ڪري هن سرڪار تي وڏي نتقيد ٿيندي رهي آهي.

ملڪ ۾ ڊالر جو ملهه اربع واري ڏينهن  185 روپيا 42 پئسا رهيو هو جيڪو خميس واري ڏينهن 187 روپيا 22 پئسا ٿي ويو جنهنڪري اهو امڪان آهي ته ملڪ ۾ بي يقيني واري ڪيفيت وڌي رهي آهي، ڊالر مارڪيٽ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊالر  جي طلب وڌڻ جي ڪري ان جي قيمت وڌي رهي آهي، جنهن سان ملڪ ۾ مهانگائي پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي.

ملڪ ۾ هڪ پاسي اڃان ڪو معاشي ميدان مضبوط نه ٿي سگهيو آهي ته ٻئي پاسي وري ملڪ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ به ملڪ ۾ عدم استحڪام واري صورتحال جو آئينو پيش ڪري رهي آهي. جنهنڪري به خلق خدا پريشان نظر اچي ٿي. ملڪ جي مرڪز ۾ ته سياسي اتحادي پارٽين جي حڪومت قائم ٿي وئي آهي پر ملڪ جي وڏي صوبي پنجاب ۾ جنم وٺندڙ سياسي ڇڪتاڻ هڪ گهوٽالو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جنهنڪري عام ماڻهو جو ملڪي يقيني  واري ڪيفيت تان ويساهه کڄي رهيو آهي،

هڪ وڏي عرصي کان وٺي ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ جيڪو ڪجهه ڪندي رهي آهي انڪري ئي هن وقت ملڪ جي سياسي ميدان م غير سياسي ۽ غيرجمهوري قوتن جاءِ والاري ورتي آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته اڄ جڏهن ملڪ ۾ قانوني ۽ آئيني طريقي سان اقتدار جي منتقلي جي تحريڪ هلي ته ان کي سياسي ميدان والار ڪندڙ پارٽي غير آئيني طريقي سان روڪن جي ڪوشش ڪئي جنهن ئي ملڪ جي سموري نظام کي لوڏي ڇڏيو آهي. ان ڪري ئي عوام وري هڪ ڀيرو غير يقيني جي ڪيفيت مان گذري رهيو آهي.

جڏهن به ڪنهن ملڪ ۾ سياسي غيريقيني جنم وٺندي آهي ته پوءِ معاشي غير يقيني هر صورت پيدا ٿي پوندي آهي، پهرين نظر ۾ اهي ٻئي جدا شيون يا جدا شعبا ڇو نه هجن پر انهن جو هڪٻئي تي سڌو اثر پوي ٿو انڪري ئي هن وقت ملڪ ۾ معاشي صورتحال به اهڙو آئينو پيش ڪري رهي آهي. گذريل ڏينهن پريس بريفنگ ۾ مفتاح اسماعيل يقين ڏياريو ته آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ جي عمل ۾ عوام تي ڪو به بار نه وڌو ويندو پر ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو ڇو ته آءِ ايم ايف پروگرام اڻٽر آهي. حڪومت مالياتي نظم و ضبط کي يقيني بڻائيندي ۽ آءِ ايم ايف پروگرام جي بحاليءَ لاءِ قدم کڻندي پر عوام تي اضافي بار نه وجهندي.ناڻي واري صلاحڪار اهو چيو ته  حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته پي ٽي آءِ جي غيرقانوني رليف پيڪيج کي آهستي آهستي ختم ڪيو وڃي، جنهن ملڪ جي معاشي استحڪام کي داءَ تي لڳايو. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو بنيادي ڌيان ٻارڻ جي سبسڊي ختم ڪرڻ تي آهي .

عوام اها توقع ڪري ٿو ته هي سرڪار عوام جي لاءِ بهتر پروگرام ترتيب ڏيندي جيئن عام ماڻهو به زنده رهي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.