باهه ۾ سڙندڙ مھيڙ واسي ۽ انتظاميا جي لاپرواهي

تحرير: مبين اڄڻ

سومر واري رات جڏھن مالوند فريد آباد واسي ڳوٺاڻا سڄي ڏينھن جو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ننڊ جي آغوش ۾ ستل ھيا ته اوچتو سندن مٿان قيامت صغرا جھڙو منظر وڄ جيان اچي ڪڙڪيو . باهه جي النُ آس پاس جي گھرن سميت  ڳوٺ کي پنھنجي   ليپٽ ۾ آڻي ڇڏيو جنھن ڪيترن ئي امڙين جا ھنج خالي ڪري ڇڏيا ۽ ونين جا ور ساڙي ڇڏيا . ھن واقعي کانپوءِ سڄي سنڌ غم ۽ غصي جو شڪار آهي جنھن جو اظھار سوشل ميڊيا ۽ ٽوئيٽر تي ڏسي پڙھي سگھجي ٿو.

فريد آباد واسين جو چوڻ آهي ته اسان جي ڳوٺ کي سومر واري رات جو لڳ ڀڳ يارنھين بجي باهه لڳي جنھن کان پوءِ اسان مھيڙ تعلقي جي ٽائون انتظاميه کي اچي باهه وسائڻ لاءِ فائر برگيڊ وارن کي مسلسل روئي دانھين ڪالون ڪندا رھياسين ته اچو اسان جا ٻچا  مال ڳوٺ سڙي رھيو آھي پر ھُنن پھريان ڪجهه ڪلاڪ آسرا ڏنا ته اسين فائر برگيڊ سيمت اچي رھيا آھيون مگر وري چيائون ته فائر برگيڊ خراب آھي لاڙڪاڻو مان گھرايو جڏھن ته اسان پنھنجي اکين سان ٻچن کي ۽ اباڻن آکيرن کي سڙندو ڏسندا رھياسين پر ھي پٿر دل  سڄي رات گذرڻ باوجود نه پھتا  جيڪڏهن انتظاميا بروقت پھچي ھا ته اسان غريبن مالونڌ مسڪينن جو ايڏو وڏو نقصان نه ٿئي ھا ؟

ٻئي پاسي فريد آباد واسين جي مدد خاطر مھيڙ جي شھرين پنھنجي مدد پاڻ تحت جھوليءَ فنڊ فھم شروع ڪري متاثرن کي کاڌ خوراڪ پھچائڻ سان گڏ ڏينھن رات ڪيتريون ئي مختلف سوشل تنظيمون جنھن ۾ خاص ڪري سوشل ورڪر ۽ مھيڙ جي ٽن شھيدن جي وارث ادي ام رباب چانڊيو پنھنجي ٽيم سيمت متاثرين سان پھرين ڏينھن کان وٺي ٻانھن ٻيلي رھندي پئي اچي ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته، سنڌ حڪومت ۽ انتظاميا جي نااهليءَ سبب ھي ھيڏو واقعو پيش آيو آهي سنڌ ۾ مسلسل چوڏھن سالن جي پيپلزپارٽي حڪومت سواءِ ڪرپشن اقربا پروري بدامنيءَ جي عوام کي ڪو به رليف ڏيڻ ۾ ناڪام وئي آهي بدامني ايتري چوٽ چڙھيل آھي جو سنڌ واسين جا ٻچڙا به محفوظ ناھن آخر سنڌ جو عوام ڪنھن در دانھين جڏهن دانھن ٻڌڻ وارا ئي گونگا ٻوڙا ھجن آئون وفاقي توڙي سنڌ حڪومت سيمت سنڌ جي سڀني باشعور انسان دوست نوجوانن ۽ اين جي اوز کي اپيل ٿي ڪريان ته ھن ڏک جي گھڙي ۾ اڳتي اچي فريد آباد واسين جي دل کولي مالي مدد ڪئي وڃي جئين فريد آباد واسين جو ايندڙ نسل ۽ مستقبل محفوظ ٿي سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.