روهڙي لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي

سکر(رپورٽر ) روهڙي ويجھو دبر ٿاڻي جي حد ڳوٺ صالح ٻرڙو ۾ ٻرڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪيلن جي فصل کي مبينا باهه ڏيڻ واري معاملي تان جھيڙو ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ لٺيون ۽ گولي لڳڻ سبب ھڪ ڌر جو محمد ياسين ٻرڙو ۽ ٻئي ڌر جو امام ڏنو زخمي ٿي پيا جن کي دبر پوليس ليٽر ڏئي علاج لاءِ تعلقي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جتي زخمين جو علاج جاري آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين جو واٽر ڪورس جي معاملي تان جھيڙو ھلندڙ آهي جڏهن ته اڄ ڪيلن جي فصل کي باهه لڳڻ تان ٻيھر جھيڙو ٿي پيو آهي جنهن باري ۾ وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.